کپرو: صوفي شاعر حضرت منٺار فقير راڄڙ جي 86 هين عرس جي موقعي تي ٻن ڏينهن وارو ادبي ميلو به شروع ٿي ويو، سروري جماعت جي روحاني پيشوا ايم اين اي مخدوم جميل الزمان درگاهه حضرت منٺار فقير راڄڙ جي مزار تي گادي نشين محمد بخش ضامن سان گڏ گلن جي چادر چاڙھي ميلي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي مخدوم جميل الزمان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عمران حڪومت تبديلي آڻڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي، عمران حڪومت عوام کي خوشحالي ڏيڻ بدران بک، بيروزگاري ۽ مھانگائي ڏني آهي. ھن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جو بنياد بلاول ۽ پ پ وڌو، اسان شهيد بينظير ڀٽو ۽ بلاول جا سپاهي آھيون. ھن چيو ته حضرت منٺار فاقير صوفي شاعر ۽ بزرگ ھستي ھو، ان ڪري درگاهه تي ميلا مچندا رھن ٿا. ھن چيو ته شھيد علي حيدر رونجھو جي وارثن سان انصاف ٿيڻ گهرجي، ملوث آفيسر برطرفي بعد بحال ٿيا آھن، ان بابت پڇا ڪندس. ھن چيو ته شھيد ناظم ڪيس ۾ ڪير به ملوث ھجي، ڏوھي کي سزا ملڻ گهرجي. عمران حڪومت اليڪشن سڌارن جي آڙ ۾ جيڪو بل آڻي پئي، اھو ڌانڌلي کانسوا ڪجهه به ناھي، اھو بل پاس ٿيو ته حڪومت جي ڳچي ۾ پوندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close