پاڪستانسنڌ

مهراڻ يونيورسٽي ۾ ملازمن جو ليو انڪيشمينٽ نه ملڻ خلاف احتجاج

ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئشن (ميوا) پاران ليو انڪيشمينٽ نه ملڻ خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاجي ريلي ڪڍي مين ايڊمن بلڊنگ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي ميوا صدر علي محمد شورو چيو ته اڄ احتجاج کي ٻيون ڏينهن آهي، پر انتظاميا اڃان تائين ليو انڪيشمينٽ نه ڏني آهي، ملازم ليو انڪيشمينٽ ملڻ بعد ٻارن کي عيد جا ڪپڙا وٺي ڏيندا آهن، وي سي کي اپيل آهي ته جلد ملازمن کي ليو انڪيشمينٽ جاري ڪئي وڃي. ان موقعي تي ميوا جنرل سيڪريٽري غلام شبير بلوچ چيو ته هر سال ملازمن کي رمضان ۾ پريشان ڪري پوءِ انهن کي پنهنجو حق ڏنو ويندو آهي، انتظاميا صرف آسرا ڏئي رهي آهي، جيستائين ملازمن کي ليو انڪيشمينٽ نه ڏني ويندي، اسان جو احتجاج جاري رهندو. ڌرڻي ۾ ميوا سينيئر نائب صدر عبدالفتاح رند، نائب صدر ڪاشف علي عباسي، جوائنٽ سيڪريٽري سومر خان رند، خزانچي احمد خان ڪوريجو، پريس سيڪريٽري نثار علي ميرجت، رابطا سيڪريٽري شهزاد مسيح ۽ محمد هاشم ڏاهاڻي سميت سوين ملازمن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button