اسلام آبادپاڪستان

قومي اسيمبلي ۾ 8 رڪني لارجر بئنچ تحليل ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور

اسلام آباد : قومي اسيمبلي چيف جسٽس جي پاڻمرادي نوٽيس بابت 8 رڪني بئنچ ٽوڙڻ جو ٺهراءُ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. ڪالهه قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ آغا رفيع الله سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ جي بالادستي بابت ٺهراءُ پيش ڪيو. ٺهراءَ ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي شنوائي لاءِ بئنچ مقرر ڪرڻ جي مذمت ڪندي 8 رڪني بئنچ کي ٽوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ آئين ساز ادارو آهي، آئين سازي پارليامينٽ جو اختيار آهي، اهو سپريم ڪورٽ جي مداخلت کي ڳڻتيءَ جي نظر سان ڏسي ٿو. سپريم ڪورٽ غير منصفاڻا فيصلا ڪري رهي آهي. ٺهراءَ جي متن موجب هي ايوان سپريم ڪورٽ طرفان بل خلاف درخواست وٺڻ جي مذمت ڪري ٿو ۽ ان بئنچ ۾ سينيئر ترين جج کي شامل نه ڪرڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ٿو. آغا رفيع الله طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ قومي اسيمبلي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button