اسلام آبادپاڪستان

بلوچستان ۽ پختونخوا مان جج بئنچ ۾ شامل نه ڪرڻ افسوسناڪ آهي:حڪمران اتحاد

اسلام آباد : حڪمران پارٽين سپريم ڪورٽ پروسيجر اينڊ پريڪٽس بل 2023 جي حوالي سان قانون سازي جو عمل مڪمل ٿيڻ ۽ اهو لاڳو ٿيڻ کان اڳ ئي تڪراري جوڙي شنوائي لاءِ مقرر ڪرڻ جو قدم رد ڪندي چيو آهي ته پارليامينٽ جو اختيار کسڻ ۽ ان جي دستوري دائري ۾ مداخلت جي هر ڪوشش جي سخت مزاحمت ڪئي ويندي. آئين جي روشني ۾ پارليامينٽ جي اختيار تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. حڪمران پارٽيون ان قدم کي پارليامينٽ ۽ ان جي اختيار تي راتاهو قرار ڏين ٿيون. خميس تي حڪمران پارٽين پاران گڏيل بيان ۾ چيو ويو ته اهڙي نوعيت جو قدم پاڪستان ۽ عدالت جي تاريخ ۾ هن کان اڳ پهريان ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه آيو. هي اعليٰ ترين عدالت جي ساک ختم ڪرڻ ۽ انصاف جي آئين عمل کي بي معنيٰ ڪرڻ برابر آهي. بيان ۾ چيو ويو ته هي بئنچ پاڻ سپريم ڪورٽ جي ورڇ جو چٽو ثبوت آهي، جنهن سان حڪومت ۾ شامل جماعتن جا پهريان بيان ڪيل موقف جي هڪ دفعو ٻيهر تائيد ٿي آهي. خود سپريم ڪورٽ جا معزز جج پنهنجن فيصلن ۾ ون مين شو، آمراڻو طرز عمل ۽ مخصوص بئنچن جي جوڙجڪ تي اعتراضن جو اظهار ڪري چڪا آهن. بيان ۾ چيو ويو ته 8 رڪني تڪراري بئنچ جوڙڻ سان سپريم ڪورٽ جي انهن معزز ججن جي فيصلن ۾ بيان ڪيل حقيقتون وڌيڪ واضح ٿي سامهون اچي چڪيون آهن. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان هڪ وفاق آهي، ان حقيقت کي نطرانداز ڪري بلوچستان ۽ پختونخوا مان ڪوئي جج به بئنچ ۾ شامل نه ڪرڻ افسوسناڪ آهي. پاڪستان بار ڪائونسلز جو بيان ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته هي قدم نه رڳو عدل ۽ انصاف خلاف آهي پر عدالتي طور طريقي ۽ مقرر ڪيل اصولن جي به ابتڙ آهي. گڏيل بيان ۾ واضح ڪيو ويو ته 12 آڪٽوبر 2019 تي لاهور ۾ آل پاڪستان وڪيل ڪنوينشن ٺهراءُ منظور ڪري پارليامينٽ کان گهر ڪئي وئي ته هي قانون منطور ڪيو وڃي. ملڪ جي وڪيل برادري جي هن مطالبي تي عمل ڪندي پارليامينت ۾ لاڳاپيل قانون منظور ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button