اسلام آبادپاڪستان

چيف جسٽس خلاف ريفرنس آيو ته ڏسندس:صدر عارف علوي

اسلام آباد : صدر عارف علوي چيو آهي ته چيف جسٽس پاڪستان جي خلاف ريفرنس آيو ته ڏسندس. هڪ بيان ۾ صدر عارف علوي چيو ته جسٽس فائز عيسيٰ جي خلاف ريفرنس آيو ته پنهنجو دماغ استعمال ڪيو هو ۽ ان ريفرنس جا لفظ تبديل ڪري ان کي اڳتي اماڻيو. هن اليڪشن بابت چيو ته 14 مئي تي اليڪشن ٿيندي يا نه مون کي پتو نه آهي. ملڪ جمهوري رستي تان نه لهندو. عارف علوي چيو ته پارليامينٽ جا کوڙ ماڻهو ٻاهر آهن يا انهن ماڻهن کي واپس آڻيو يا ٻيهر اليڪشن ڪرايو. سياستدان پاڻ ۾ ويهي ڳالهائين ۽ رنجشون ختم ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button