اسلام آبادپاڪستان

اٺ رڪني بئنچ سپريم ڪورٽ بابت ايڪٽ تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل بابت عدالت عظميٰ جي 8 رڪني بئنچ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. حڪم نامي ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي عملدرآمد ايندڙ حڪم تائين روڪيو ويو آهي. چيو ويو آهي ته صدر بل تي صحيحون ڪري يا نه ڪري، ٻنهي صورتن ۾ بل تي عملدرآمد نٿو ڪري سگهجي. حڪم نامي مطابق سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل کي عدليا جي معاملن ۾ مداخلت ۽ عدليا جي آزادي خلاف قرار ڏنو ويو آهي. عبوري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته عدالت ڪنهن به قانون کي معطل نٿي ڪري سگهي، بل کي نظر ۾ رکندي عدليا جي آزادي ۾ مداخلت ڪئي وئي. لڳي ٿو ته تجويز ڪيل قانون ذريعي عدليا جي آزادي ۾ مداخلت ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجرل بل تي ڪنهن به صورت ۾ ٻئي حڪم تائين عملدرآمد نه ڪيو ويندو. جنهن گهڙي صدر تجويز ڪيل قانون تي صحيح ڪندو، ٻئي پل بل تي ڪنهن به صورت ۾ عملدرآمد نه ٿي سگهندو. آرڊر ۾ چيو ويو آهي ته عبوري قدم ضروري سمجهيو ويو ته پيش ڪيل قانون جي متوقع منظوري کان پيدا ٿيندڙ ناقابل تلافي جي خطري کي نظر ۾ رکندي. حڪم نامي ۾ سوال ڪيو ويو آهي ته ڇا قانون سازي کي سپريم ڪورٽ جي قانونن ۾ تبديلي جو اختيار آهي؟ عدالتي عمل ۽ طريقيڪار ۾ تبديلي، جيتوڻيڪ ضروري به هجي، عدليا جي آزادي تي اثر انداز ٿئي ٿي. تجويز ڪيل بل يا ايڪٽ آئين جي مطابق هجڻ گهرجي. اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته پارليامينٽ کي آرٽيڪل 191 ۾ ڏنل اختيارن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ جو اختيار آهي يا نه. سياسي پارٽيون جيڪڏهن چاهين ته پنهنجي وڪيلن ذريعي پارٽيون بڻجي سگهن ٿيون. بل جي قانون جو حصو بڻجندي ئي عدليا جي آزادي ۾ مداخلت شروع ٿي ويندي. ان کان اڳ ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي پاڻمرادي نوٽيس بابت پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 خلاف درخواستن تي شنوائي ٿي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 8 رڪني لارجر بئنچ ڪيس جي شنوائي ڪئي، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشا ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد بئنچ ۾ شامل آهن. سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف 4 درخواستون داخل ڪيون ويون آهن. شنوائي دوران درخواستگذار جي وڪيل امتياز صديقي چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ ريفرنس سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ هو. سينيئر ترين جج ريفرنس تي شنوائي ڪري رهيا هئا، سپريم ڪورٽ ريفرنس کان اڳ ڪارروائي غير آئيني قرار ڏني. موجوده ڪيس ۾ بل جي منظوري کان اڳ جي مرحلن جو به جائزو وٺڻ گهرجي ها. جسٽس منيب اختر چيو ته توهان موجوده ڪيس ۾ عدالت کان ڇا ٿا چاهيو؟ وڪيل اپيل ڪئي ته بل غير آئيني قرار ڏنو وڃي. چيف جسٽس چيو ته اسان کي جائزو وٺڻو آهي ته ان معاملي ۾ آئيني ڀڃڪڙي ته نه ٿي. عدالت عظميٰ پاڪستان بار ڪائونسل، سپريم ڪورٽ بار ۽ اٽارني جنرل کي قانوني مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪيا. سپريم ڪورٽ صدر کي پرنسپل سيڪريٽري ذريعي، وزيراعظم کي پرنسپل سيڪريٽري ذريعي ۽ قانون واري وزارت ۽ فيڊريشن کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ڪيس جي شنوائي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button