اسلام آبادپاڪستان

چونڊن لاءِ 21 ارب فراهمي جو بل رد،فنڊ محدود آهن:عائشا پاشا

اسلام آباد :قومي اسيمبلي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ چونڊن لاءِ 21 ارب رپين جي فراهمي جو بل رد ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي چونڊن لاءِ وفاقي حڪومت کي اليڪشن ڪميشن کي 10 اپريل تائين 21 ارب رپيا فراهم ڪرڻ ۽ اليڪشن ڪميشن کي 11 اپريل تائين ان حوالي سان رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو پر سپريم ڪورٽ جي ڏنل تاريخ تائين اليڪشن ڪميشن کي فنڊن جي فراهمي نه ٿي سگهي. ان معاملي تي چيف جسٽس گذريل ڏينهن نوٽيس جاري ڪندي گهرو سيڪريٽري، اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري ۽ اسٽيٽ بئنڪ گورنر کي پنهنجي چيمبر ۾ طلب ڪيو هو. ڪالهه قومي اسيمبلي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ چونڊ خرچن جي مد ۾ اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جو بل رد ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي به فنڊ ڏيڻ جو بل رد ڪري ڇڏيو هو. ناڻي بابت قائما ڪميٽي کي مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا ٻڌايو ته صوبن ۾ اليڪشن ڪرائڻ جي حوالي سان فنڊ ڏيڻ جي گنجائش حڪومت وٽ نه آهي. سينيٽ جي ناڻي بابت قائما ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر دلاور خان جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ جنرل اليڪشن ڪرائڻ لاءِ فنڊنگ جي بل 2023 جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. عائشا غوث پاشا آگاهه ڪيو ته آئي ايم ايف سان ڊيل مطابق فنڊ محدود آهن، پاڪستان مالي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، خساري تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. حڪومت وٽ وسيلا محدود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button