پاڪستانعالمي

افغانستان دهشتگردي روڪرائي نه ته سڌي ڪاروائي ڪنداسين:پاڪستان

بچا واري وزير خواجا آصف افغان طالبان کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن افغانستان شدت پسندن کي ٻنجو ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيو ته پاڪستان دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملا ڪري ڏيندو. پرڏيهي خابرو اداري وائيس آف آمريڪا کي ڏنل انٽرويو ۾ وزير دفاع خواجا آصف چيو ته فيبروري ۾ افغانستان ياترا دوران اسان افغان اختيارين کي يادگيري ڏياري هئي ته اهي پاڪستان خلاف دهشتگردن جون ڪاروايون يا ان جي رٿابندي ڪرڻ لا افغان سرزمين استعمال ڪندڙ دهشتگردن کي روڪڻ جي حوالي سان سرحد پار سيڪيورٽي ارادن تي قائم رهن يا پو پاڪستان سڌي ڪاروائي ڪندو. هن پنهنجي ڳالهه جي حمايت ڪندي چيو ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن لاءِ افغان سرزمين جو استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته گذريل دوري تي اسان ڪابل کي پيغام پهچايو هو ته مهرباني ڪريو، اسان جي پاڙيسري ۽ ڀاءُ هجڻ ناتي، جيڪو ڪجهه افغان سرزمين تان ٿي رهيو آهي ان جي ذميواري توهان تي لاڳو ٿئي ٿي، جيڪڏهن ائين نٿو ٿئي ته اسان کي ڪجهه اهڙا قدم کڻڻا پوندا، جيڪي يقيني طور تي افغان سرزمين تي دهشتگردن جون پناهه گاهون هونديون، جتي اسان کي انهن کي نشانو بڻائڻو پوندو، اسان کي ان ڪري نشانو بڻائڻو پوندو ڇو ته اسان اهڙي صورتحال کي گهڻي وقت تائين برداشت نٿا ڪري سگهون. خواجا آصف چيو ته افغان اختيارين اسان جي ڳالهه جو سٺو ردعمل ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button