اسلام آبادپاڪستان

اقتدار مليو ته ٻيهر آءِ ايم ايف سان ڳالهائينداسين: عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن ٻيهر حڪومت ۾ آياسين ته آ ايم ايف سان ڳالهائينداسين ۽ پاڪستان کي ڏيوالي جو شڪار نه ٿيڻ ڏينداسين، قرض وٺڻ بدران سڌارا آڻي معيشت بهتر بڻائينداسين، اسان جي پارٽي معيشت جي بحالي ۽ قرض واپس ڏيڻ لا عمل جوڳي حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران چيو ته اسان پنهنجي معاشي ماهرن سان گڏ ويهي غور ڪري رهيا آهيون ته ڪو اهڙو منصوبو تيار ڪجي جنهن ذريعي اسان آ ايم ايف سان ڳالهائي سگهون ۽ کين پنهنجو قرض واپس ادا ڪرڻ لا ڪا عمل جوڳي رٿابندي فراهم ڪري سگهون ۽ گڏوگڏ اسان جي معيشت به هلندي رهي ته جيئن اسان جي قرض ادا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ گهٽتائي نه اچي. هن چيو ته جڏهن اسان اڳتي ڏسون ٿا ته قرض وڌي رهيا آهن ۽ اسان جي معيشت هوريان هوريان سڪڙجي رهي آهي، اسان اهو سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته اسان معاشي طور ڦاسي پيا آهيون، هاڻوڪي حڪومت کي قرض وٺڻ جي تسلسل مان نڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان ٻيهر اقتدار ۾ آياسين ته وڌيڪ قرض حاصل ڪرڻ بدران سڌارن کي ترجيح ڏينداسين، معيشت کي بحال ڪرڻ جي منصوبي ۾ اهو به شامل آهي ته نقصان ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي، اسان کي ملڪ هلائڻ جي طريقن جي سرجري ڪرڻ جي ضرورت آهي، هي رڳو پاڪستان جو معاملو ناهي، هڪ ڀيرو جڏهن توهان ڊالر ۾ قرض وٺڻ شروع ڪريو ٿا ته توهان کي اهو قرض ڊالر ۾ ئي ادا ڪرڻو پوندو آهي، جيڪڏهن ملڪ جي ڊالرن ۾ آمدني نه پئي وڌي ۽ ڪا بهتري نه اچي رهي آهي ته پنهنجو قرض ڪٿان ادا ڪندو، جيستائين اسان ايڪسپورٽ ذريعي پنهنجي ڊالر آمدني کي نٿا وڌايون، تيستائين مون کي نٿو لڳي ته پاڪستان پنهنجو قرض ادا ڪري سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button