اسلام آبادپاڪستان

گڏيل عرب امارات هڪ ارب ڊالر امداد جي تصديق ڪري ڇڏي:اسحاق ڊار

اسلام آباد :ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته گڏيل عرب امارات آئي ايم ايف کي هڪ ارب ڊالر امداد جي تصديق ڪري ڇڏي. اسحاق ڊار ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪندي چيو ته گڏيل عرب امارات هڪ ارب ڊالر مالي امداد جي تصديق ڪري ڇڏي، يو اي اي عملدارن آئي ايم ايف کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ گڏيل عرب امارات جي آفيسرن سان رابطي ۾ آهي، هڪ ارب ڊالر جمع ڪرائڻ لاءِ دستاويز کي آخري شڪل ڏني پئي وڃي. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته چين جي آئي سي بي سي بئنڪ کان 30 ڪروڙ ڊالر جي ٽيئن قسط اڄ اسٽيٽ بئنڪ کي ملي ويندي. ٻئي پاسي هاڻي پرڏيهي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) سان اسٽاف ليول معاهدو ٿيڻ ۾ رڳو سعودي عرب جي تصديق باقي آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن مطابق سعودي عرب کان 2 ارب ڊالرز جي فنانسنگ ايندڙ هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن ٻڌايو ته سعودي عرب کان تصديق کان پوءِ آئي ايم ايف جي ٻاهرين فنانسنگ جا شرط پورا ٿي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button