اسلام آبادپاڪستان

چيف جسٽس سميت 8 ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل

اسلام آباد : چيف جسٽس عمر عطا بنديال سميت سپريم ڪورٽ جي 8 ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو. ريفرنس ميان دائود ايڊووڪيٽ داخل ڪيو، جنهن ۾ آئين جي آرٽيڪل 209 ۽ ججز ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي قلم 3 کان 6 ۽ 9 کي بنياد بڻايو ويو آهي. ريفرنس ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال سان گڏوگڏ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشا اي ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد جا نالا شامل آهن. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ جي منظور ڪيل بل کي شنوائي لاءِ مقرر ڪري اختيار اورانگهيا ويا، پارليامينٽ جي بل تي شنوائي لاءِ 8 رڪني غير آئيني بئنچ جوڙي وئي. ججن خلاف ريفرنس جي ڪاپي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس طارق مسعود، جسٽس منصور کي موڪلي وئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پڻ ريفرنس جي ڪاپي موڪلي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button