پاڪستانعالمي

شيري رحمان ٻوڏ متاثرن لا اثرائتو آواز، دنيا جي 100 بااثر ترين شخصيتن ۾ شامل

آمريڪا جي نالي واري رسالي ٽائيم مئگزين پاڪستان جي ماحوليات واري وزير شيري رحمان سال 2023 جي دنيا جي بااثر ترين شخصيتن ۾ شامل ڪري ورتو آهي. ٽائيم مئگزين پاران 2023 جي دنيا جي 100 بااثر ترين شخصيتن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اڳواڻن ۽ ڪئٽيگري ۾ شيري رحمان جو ڇهون نمبر آهي. رسالي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو ته عالمي سطح تي ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ پاڪستان جو حصو ڪافي معمولي آهي پر ماحولياتي بحران سبب گذريل سال پاڪستان جو گهڻو حصو ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو هو، نومبر ۾ شيري رحمان مصر ۾ ڪوٺايل ڪوپ 27 اجلاس ۾ انهن ٻوڏ متاثرن جو آواز بڻجي جيڪي قدرتي آفت سبب پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ويٺا هئا، ڪوپ 27 اجلاس ۾ انتهائي پرجوش تقريرن ۽ اڻٿڪ مصروفيتن ۽ ڳالهين ذريعي شيري رحمان نمائندن کي قائل ڪيو ته هي ناانصافي ختم ٿيڻ گهرجي، ڪوپ 27 جي پڄاڻي هن تاريخي فيصلي تي ٿي ته عالمي برادري پهريون ڀيرو متفق ٿي ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ ملڪن لاءِ نقصان ۽ تباهي فنڊ قائم ڪيو وڃي هي ماحولياتي انصاف ڏانهن وڏو قدم آهي پر هاڻي به گهڻو ڪم رهيل آهي اسان کي شيري رحمان جهڙين وڌيڪ شخصيتن جي ضرورت پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button