پاڪستانعالمي

ڊونلڊ ٽرمپ خلاف جنسي زيادتي جو ڪيس، اپيليٽ ڪورٽ رليف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

آمريڪا جي اپيليٽ ڪورٽ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي زيادتي جي ڪيس ۾ ڪنهن به قسم جو رليف ڏيڻ کان انڪار ڪندي ڪيس واپس نيويارڪ جي عدالت ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. سعودي ميڊيا ذريعن موجب واشنگٽن ڊي سي جي اپيليٽ ڪورٽ ليکڪه جين ڪيرل طرفان داخل ٻن ڪيسن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کي رليف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جين ڪيرل 2019ع ۾ الزام مڙهيو هو ته ٽرمپ اٽڪل 30 سال اڳ ساڻس جنسي زيادتي ڪئي هئي پر اڳوڻي صدر اهو چئي الزام رد ڪيا ته هو هن جي قسم جو ماڻهو ناهي. جين ڪيرل پنهنجي ڪتاب ۾ ان زيادتي واري واقعي جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته مين هٽن جي هڪ اسٽور ۾ هن جي ٽرمپ سان ملاقات ٿي ان وقت ٽرمپ کانئس ڪنهن عورت لاءِ تحفو خريد ڪرڻ ۾ مدد گهري هئي ۽ بعد ۾ ڊريسنگ روم ۾ مٿس جنسي حملو ڪيو ويو. واشنگٽن جي اپيليٽ ڪورٽ ڪيس مين هٽن جي سرڪٽ ڪورٽ آف اپيل کي واپس موڪلي ڇڏيو آهي. جنهن گذريل سيپٽمبر ۾ واشنگٽن جي عدالت کان رهنمائي گهري هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button