پاڪستانپنجاب

سپريم ڪورٽ ۾ ورڇ ملڪ لاءِ وڏو الميو هوندو: عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سڀني کي دعا ڪرڻ گهرجي ته سپريم ڪورٽ ۾ اتحاد قائم هجي، اعليٰ عدليا ۾ ورهاڱو ملڪ لاءِ الميو هوندو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته جيستائين توهان آئين کي نٿا بچايو تيستائين ملڪ نٿا بچائي سگهو، هي سڀ چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن، انهن کي نه آئين جو فڪر آهي نه ئي قانون جي ڪا پرواهه آهي، ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجو اين آر او بچائڻ چاهين ٿا. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان جي 3 هزار ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي، هر روز نئين ايف آءِ آر داخل ٿئي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button