اسلام آبادپاڪستان

شهباز شريف نااهل ٿيو ته سنڌ جي ڊوميسائيل وارو وزيراعظم اچي سگهي ٿو: آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان کي اليڪشن تي نه ان جي ٽائيمنگ تي اعتراض آهي، ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ٿيڻ آئيني حق آهي، جيڪڏهن شهباز شريف نااهل ٿي ويو ته سنڌ جي ڊوميسائيل وارو وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو. خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا چيو هو ته پنجن منٽن اندر مارشل لا لڳائي سگهان ٿو، اسان کيس چيو بسم الله ڪر، شينهن تي چڙهڻ آسان هوندو آهي پر لهڻ سولو ناهي. هن چيو ته اهو مسئلو ناهي ته اسان چونڊن کان ڊجون ٿا، اسان ته 14 سيٽن تي به اچي قومي اسيمبلي ۾ ويٺاسين، چونڊن کي آڪٽوبر کان اڳتي وٺي وڃڻ ننڍي سوچ هوندي، سياسي پارٽيون ڳالهيون ڪري چونڊن جي تاريخ طئي ڪن، سياست ۾ ڳالهين جا در بند نه ڪيا ويندا آهن، اسان جي ڳالهه ۾ وزن تڏهن ايندو جڏهن اسان پنهنجي اتحادين سان ڳالهائينداسين، سڀئي پارٽيون گڏجي ويهي فيصلو ڪن جيترو جلدي ٿي سگهي، هڪ ئي ڏينهن چونڊون ٿين. هن چيو ته عمران خان ۽ منهنجي ڊوميسائيل ۾ فرق آهي، منهنجو ڊوميسائيل ڪمزور آهي، ويڙهه ڀلي پنجاب جي هجي پر اُن جو اثر سڄي ملڪ تي پئجي رهيو آهي، عمران خان اڄ تائين ان ڪري گرفتار ناهي ٿيو ڇو ته هن وٽ پنجاب جو ڊوميسائيل آهي، جيڪڏهن سندس تعلق ڪنهن ننڍي صوبي سان هجي ها ته هيل تائين جيل ۾ هجي ها. هن چيو ته عمران خان 2035ع تائين حڪومت ۾ ويهڻ جو پلان ٺاهي چڪو آهي پر اسان سندس رٿابندي کي ناڪام ڪري ڇڏيو، جنرل باجوا اسان کي آڇ ڪئي هئي ته جيڪڏهن توهان بي اعتمادي رٿ نه آندي ته هو عمران خان کان استعيفا وٺي چونڊون ڪرائي ڇڏيندو پر اسان اها آڇ قبول نه ڪئي، مولانا فضل الرحمان ۽ مون انڪار ڪري ڇڏيو هو، اسان کي خبر هئي ته هنن 2035ع تائين رهڻ جو پلان ٺاهيو آهي، اهو پلان ناڪام بڻائڻ لاءِ عمران خان خلاف بي اعتمادي رِٿ آندي، عمران خان کي ڪڍيو آهي پر سندس حواري اڃا به موجود آهن ۽ اُهي گيم کيڏي رهيا آهن، عمران مقبول ليڊر ناهي، هن وٽ ڪي ويچارا باقي بچيا آهن جن کي پگهار ڏيندو آهي. آصف زرداري چيو ته اعتزاز احسن 79 سالن جي عمر ۾ اسان کي ٻڌائي پيو ته رياست ماءُ جيان هوندي آهي، ڇا هاڻي رياست ماءُ جيان ٿي وئي آهي؟ اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسا سي اي سي جا ميمبر آهن، کين سي اي سي ۾ ڳالهائڻ گهرجي ها پر هو ٻاهر پنهنجي سوچ ٺاهي رهيا هئا، مون ججن کي رعايتون اِن ڪري ڏنيون ته سٺا جج اچي سٺا فيصلا ڪن، مون کي ڪهڙي خبر ته مونو پولي ٿي ويندي، هينئر عدليا ۾ مونو پولي آهي، خدا هنن کي معاف ڪري، هي جج سمجهن ئي نٿا، مون پنهنجي دور ۾ ججن جون پگهارون وڌايون، کين مفت بجلي، گاڏي، نوڪر، پينشن ڏني، ثاقب نثار ته مرسڊيز ڏٺي تڏهن چيف جسٽس بڻيو، مون کي ٻين ملڪن مان بم پروف گاڏيون موڪليون ويون، مون قيمت ۽ ڊيوٽيون ادا ڪري بم پروف گاڏيون ورتيون، مون ڪا گهڙي يا گاڏي وڪرو ناهي ڪئي، عمران خان ته تحفا ئي کپائي ڇڏيا، خدا جو خوف ڪري، تحفا ڏيڻ وارو ڇا سوچيندو هوندو. اڳوڻي صدر چيو ته چيني ٻولي سيکاريندڙن کي قتل ڪيو پيو وڃي، اها سوچ بلوچن جي ناهي، اسان جي ڪنهن ٻئي دشمن جي آهي، هٿ بلوچ جو هوندو پر سوچ بلوچ جي ناهي، اسان پهرين به پاڪستان بچايو هو هاڻي به پاڪستان کي بچائيندس. آصف زرداري وڌيڪ چيو ته ڇا اسان کي ناهي خبر ته مهانگائي ٿي رهي آهي؟ پرڏيهه مان کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون اچي رهيون آهن ۽ ملڪ ۾ ڊالر به نه آهن، اسان سنڌ ۾ ڪڻڪ جو اگهه 4 هزار رپيا مقرر ڪيو ۽ ڪمند 400 رپيا، ڪڻڪ ۽ ڪمند جون قيمتون وڌايون ته هارين ڪڻڪ ۽ ڪمند لڳايو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نواز شريف جڏهن پهريون ڀيرو ملڪ کان ٻاهر ويو هو تڏهن به ڪوشش ڪئي وئي ته مون کي به پرڏيهه موڪليو وڃي، مون کان ان ڪري استعيفا گهرندا هئا ته مون 18هين ترميم ڪئي، پختونخوا کي سڃاڻپ ڏني، ڏکڻ پنجاب جي ڳالهه ڪئي، بلوچستان کي حق ڏنا، مون کي تاريخ ۾ زنده رهڻو آهي، هاڻي هن کي تاريخ جي ناهي خبر ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان، جيڪي سياستدان پاڪستان کي بچائي ۽ سنڀالي سگهن ٿا اهي هن کي قبول نه آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته آڪٽوبر ۾ چونڊون ٿي وڃن ڏسجي ته حالتون ڪهڙيون ٿين ٿيون، آئين ٺاهيندڙ پيپلز پارٽي آهي، آئين ۽ جمهوريت بچائينداسين، منهنجي بقا جمهوريت ۾ آهي ۽ جمهوريت سان گڏ بيهنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button