پاڪستانپنجاب

عمران جي چيف سيڪيورٽي آفيسر جون 41 جعلي ڪمپنيون، ڪروڙن جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث نڪتو

عمران خان جو گرفتار ڪيل چيف سيڪيورٽي آفيسر افتخار رسول گهمڻ 41 جعلي ڪمپنيون ٺاهي ڪروڙين رپين جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث نڪتو، ايف آءِ اي طرفان هلندڙ جاچ دوران اهم انڪشاف سامهون آيا آهن. وفاقي جاچ اداري جي رپورٽ موجب عمران خان جو چيف سيڪيورٽي آفيسر افتخار رسول گهمڻ پنهنجي ٻن ساٿين عاصم حسين ۽ قيصر مشتاق سان گڏجي مني لانڊرنگ ڪندو رهيو. رپورٽ موجب جوابدار جي اڪائونٽ ۾ 2020ع کان 2022ع تائين پرڏيهه مان 34 ڪروڙ 21 لک 73 هزار 53 رپيا جمع ڪرايا ويا. جوابدارن جي 7 اڪائونٽن ۾ روڪ جمع ڪرايل رقم جي ماليت 22 ڪروڙ 45 لک 50 هزار رپيا آهي، اها رقم خانگي بئنڪ ۾ کوليل اڪائونٽن ۾ جمع ڪرائي وئي. رپورٽ موجب جوابدار افتخار رسول گهمڻ 41 جعلي ڪمپنيون ٺاهي ٻن ساٿين سميت مني لانڊرنگ ڪندو رهيو، جوابدار 2020ع کان 2022ع تائين 800 ملين رپيا جمع ڪرايا، سندس ساٿي عاصم حسين جي اڪائونٽ ۾ 5 لک ڊالر گڏ ڪيا ويا، جوابدار افتخار 2012ع دوران سنڌ بئنڪ ۾ 10 لک ڊالر جمع ڪرايا، جوابدار ٻن عورتن رضيا سلطانا ۽ تسنيم فاطما جي اڪائونٽن ۾ به 5- 5 لک ڊالر جمع ڪرايا، اها رقم ظاهري طور تي هنڊي حوالا اڪائونٽن جي سيٽلمينٽ لاءِ استعمال ٿي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جوابدار افتخار رسول جي 7 ملڪيتن ۽ اثاثن جي ماليت به 47 ڪروڙ 95 لک 6 هزار 113 رپيا ٿئي ٿي، جوابدارن جي اثاثن ۾ 5- 5 مرلي جا 10 پلاٽ ۽ گلبرگ ۾ 10 مرلي جو هڪ پلاٽ به شامل آهي. عدالت عدالت جوابدار افتخار رسول گهمڻ کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button