پاڪستانسنڌ

سنڌ جا ماڻهو ”ڀٽو“ جي نالي يا شڪل تي نه ڪم تي ووٽ ڏيندا آهن:اڳوڻو صدر

پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته سنڌ جو عوام “ڀٽو” جي نالي تي نه پر اسان جي ڪم کي ڏسي پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيندو آهي، سنڌ جا ماڻهو شڪل تي نه پر ڪم تي ووٽ ڏيندا آهن. ٽي وي انٽرويو ۾ هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ ۾ رڳو هڪ پل تعمير ڪرائي هئي جيڪا سندس زمينن ڏانهن ويندي هئي پر اسان 6 پليون ٺهرايون، جنهن سبب ٽريفڪ جي نظام ۾ وڏي بهتري آئي آهي، اسان سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ اسپتالون ٺاهيون آهن جتي مفت علاج ٿئي ٿو، ڪوشش آهي ته سنڌ ۾ وڌيڪ اسپتالون ٺاهيون. هن چيو ته ڪراچي ۾ گيس ناهي، اسان سڀني سلينڊر ورتا آهن ۽ سلينڊر تي کاڌو پچائيندا آهيون، سنڌ جا ماڻهو شڪل تي نه پر ڪم تي ووٽ ڏيندا آهن، سنڌ ۽ بلوچستان جا ووٽ تمام گهڻا باشعور آهن، ايندڙ چونڊون ڪيئن وڙهنداسين، اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، تنهن ڪري ايم ڪيو ايم جو اسان وٽ اچڻ ۾ فائدو آهي، آئون ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي گڏ هلن، خالد مقبول صديقي چيو هو ته ڪامران ٽيسوري کي سنڌ جو گورنر بڻايو. هن وڌيڪ چيو ته دوستن، پيارن ۽ بزرگن جي پيرن تي هٿ رکندو آهيان، اسان عوامي ۽ فقير ماڻهو آهيان، اسان دعا ڏئي سگهون ٿا پر بددعا نٿا ڏئي سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button