اسلام آبادپاڪستان

8 رڪني بينچ جي فيصلي خلاف ۽ ڊيم فنڊ بابت ٺهراءُ منظور

اسلام آباد (رپورٽ:وقاص احمد) قومي اسيمبلي سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بينچ جي فيصلي خلاف ۽ ڊيم فنڊ جي رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ الڳ الڳ ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. قومي اسيمبلي پاران منظور ڪيل قراردادن ۾ سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بينچ جي فيصلي کي رد ڪندي ڊيم فنڊ جي رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان ڏس ۾ قومي اسيمبلي ۾ ڊيم فنڊ جي رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو. ٺهراءُ اسيمبليءَ جي ميمبر کيئل داس پيش ڪيو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڊيم فنڊ ۾ جمع ٿيل رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي ۽ اهي وسيلا 2022ع جي تباهي واري آيل ٻوڏ جي متاثرن جي امداد ۽ بحاليءَ لاءِ استعمال ڪيا وڃن. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار عدالتي روايتن جي ڀڃڪڙي ڪندي نون ڊيمن ۽ پاڻي جي ذخيرن جي تعمير لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ 10 جولاءِ 2018ع تي ” ديا مير مهمند ڊيم فنڊ” قائم ڪيو ويو هو. اخبار جي خبرن موجب جنوري 2023 ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ کي ٻڌايو ويو هو ته ڊيم فنڊ ۾ 16 ڏهائي 53 ارب رپيا موجود آهن، جيڪي ايندڙ ٽي ماهي دوران وڌي 16 ڏهائي 98 ارب رپيا ٿي ويندا. جڏهن ته ٻيو ٺهرا پ پ اڳواڻ موسا گيلاني پيش ڪيو، سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ خلاف مذمتي ٺهراءُ موجب سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بينچ جو فيصلو رد ڪيو ويو. عدالتي سڌارن واري بل تي عملدرآمد روڪڻ لاءِ 8 رڪني بينچ جو فيصلو پارليامينٽ جي ڪم ۾ مداخلت آهي، 8 رڪني بينچ جو فيصلو عدالتي تاريخ جو هڪ ٻيو ڪارو باب آهي. ٺهرا مطابق ڪو به ادارو پارليامينٽ جو هي اختيار نه کسي سگهي ٿو، نه ان کي معطل يا منسوخ ڪري سگهي ٿو. ائين ڪرڻ پاڪستان جي آئين جي بنيادي تصور جي ڀڃڪڙي ۽ آئين کي تباهه ڪرڻ جي برابر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button