ڇاڇرو: ڏاهلي ڀرسان ڳوٺ آسراڙيو ۾ 36 سالن جي ٽن ٻارن جي ما جميلان زال سراج الدين سميجو جو مٺي جي سول اسپتال ۾ 17 ڪلاڪن بعد پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش ڀا اقبال سميجو، چاچي ۽ ٻين وارثن حوالي ڪيو ويو، ناري جي مائٽن کيس قتل ڪرڻ جو مڙس ۽ ٻين مٿان شڪ ظاهر ڪيو. اقبال سميجو چيو ته منهنجي ڀيڻ کي مڙس سراج سميجو ۽ ڏيرن تشدد ڪري قتل ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي. ناري کي مڙس سراج سميجو ۽ ان جي ڀا احسان سميجو ۽ هڪ سئوٽ ٽنهي ڄڻن گڏجي تشدد ڪري قتل ڪيو، پوري جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن، هڪ ٻانهن به ٽٽل آهي، چهري ۽ ڄنگهن تي تشدد جا نشان موجود آهي، بعد ۾ لاش کي ڦاهو ڏئي آپگهات جو رنگ ڏنو ويو آهي، معاملي جي شفاف جاچ ڪري قتل جو ڪيس داخل ڪري اسان غريبن سان انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close