پاڪستان

آزاد ڪشمير ۾ سرپرائيز، سڀني پارٽين جو گڏيل اميدوار انوار الحق وزيراعظم چونڊجي ويو

آزاد ڄمون ڪشمير ۾ تحريڪ انصاف ميمبر ۽ قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري انوار الحق مخالف ڌر جي جماعتن پيپلزپارٽي، نواز ليگ ۽ فارورڊ بلاڪ جي حمايت سان آزاد ڪشمير جو 15 هون وزيراعظم چونڊجي ويو، هن پنهنجي عهدي جو حلف پڻ کڻي ورتو آهي. آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه منجهند 2 وڳي ٿيڻو هو پر گذريل رات 12 وڳي ٻيهر انوار الحق جي صدارت ۾ شروع ٿيو جنهن اسيمبلي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته رولز آف بزنس جي معطلي جي منظوري بعد وزيراعظم جي چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو وڃي. اهڙي طرح گذريل رات هڪ وڳي تائين انوار الحق جا نامزدگي ڪاغذ داخل ٿيا ۽ جاچ پڙتال بعد هڪ لڳي 20 منٽن تي منظور ڪيا ويا ۽ ايوان ۾ کيس وزيراعظم چونڊيو ويو. نئين چونڊيل وزيراعظم 53 جي ايوان مان 48 ووٽ حاصل ڪيا، هڪ ووٽ اڳوڻي نااهل وزيراعظم جو آهي، جڏهن ته 4 ميمبر غير حاضر رهيا. ٻئي طرف آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود جي مواخذي جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. نئين چونڊيل وزيراعظم انوار الحق جو تعلق تحريڪ انصاف سان آهي، هن چيو آهي ته اسان کي پنهنجا رويا تبديل ڪرڻا پوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button