پاڪستانخيبرپختونخوا

سپريم ڪورٽ عدالت آهي يا پنچائت؟ ڏاڍ تي ٻڌل فيصلو قبول نه ڪنداسين: مولانا فضل الرحمان

جي يو آ (ف) ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عدالت واضح ڌر وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، سپريم ڪورٽ عدالت آهي يا پنچائت، سپريم ڪورٽ ان حوالي سان پنهنجي پوزيشن واضح ڪري، اسان عدالتي جبر کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. ڊيرا اسماعيل خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته بلاول ڀٽو ڪالهه مون وٽ آيو هو، منهنجي آصف زرداري سان به فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان کان علاوه نواز ليگ قيادت ۽ وزيرن پڻ فون تي ڳالهايو آهي، آئين جي مطابق 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ اڻٽر آهي پر عمران خان ڪنهن تاريخ تي متفق ٿئي ٿو ته پو ٺيڪ آهي، جنهن شخص کي سياست کان ٻاهر رکڻ گهرجي ها، سپريم ڪورٽ ان کي سياست جو محور بڻائي رهي آهي، عدالت جنهن اختيار تحت زور زبردستي ۽ ڌٻڙ ڌونس ڏيکاري رهي آهي ان جو اختيار ناهي رهيو. هن چيو ته عدالت اسان کي چئي رهي آهي ته عمران خان سان ڳالهايو ۽ چونڊن لا ڪنهن هڪ تاريخ تي اتفاق ڪري وٺو، اسان موقف ڏنو آهي ته سپريم ڪورٽ پهرين پنهنجي پوزيشن واضح ڪري ته اها عدالت آهي يا ڪا پنچائت آهي، جنهن بئنچ تي پارليامينٽ بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي، ان جي سامهون ڪيئن ٿا پيش ٿي سگهون، اڳي هٿيارن جي ڇانو ۾ ڳالهين لاءِ چيو ويندو هو، هاڻي هٿوڙي جي زور تي ڳالهين لاءِ چيو پيو وڃي، انصاف قبول آهي پر توهان جو هٿوڙو قبول نه ڪنداسين. پي ڊي ايم سربراهه چيو ته عمران خان تي 4- 5 ڪيس اهڙا آهن جن ۾ هو نااهل ٿي سگهي ٿو، عدالت عمران خان لا لچڪ پيدا ڪري سگهي ٿي ته اسان لا لچڪ ڇو نٿي پيدا ڪري، سپريم ڪورٽ پنهنجي رويي ۾ لچڪ آڻي، جيڪڏهن ڏاڍ سان فيصلا مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان عوام جي عدالت ۾ وينداسين، سپريم ڪورٽ واضح نموني ڌر بڻجي رهي آهي، جڏهن ائين آهي ته پو سياست ۾ اچو، خبر پئجي ويندي ته ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آهي، عدالت کي پارليامينٽ جي ايڪٽ جو احترام ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button