اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ پريڪٽس ۽ پروسيجر بل قانون بڻجي ويو

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ پريڪٽس ۽ پروسيجر بل 2023 باقاعده قانون بڻجي ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) ايڪٽ 2023 تصور ڪيو ويندو. آئين موجب صدر کي ٻيهر بل منظوري لاءِ موڪليو ويو بل جي منظور نه ٿيڻ تي 10 ڏينهن کانپوءِ اهو هاڻ قانون بڻجي ويو آهي. وفاقي ڪابينا 28 مارچ تي بل جي منظوري ڏني هئي، جنهن کانپوءِ 29 مارچ تي قومي اسيمبلي ۽ 30 مارچ تي سينيٽ منظور ڪري حتمي منظوري لاءِ صدر ڏانهن موڪليو ويو هو. ان کان پوءِ 10 اپريل تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پاران پيش ڪيل سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس ۽ پروسيجر بل کي ڪجهه ترميمن سان اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ان کانپوءِ ان کي ٻيهر صدر جي منظوري لاءِ موڪليو ويو ۽ آئين موجب جيڪڏهن 10 ڏينهن اندر بل تي صحيحون نه ٿيون ته اهو پاڻ ئي قانون بڻجي ويندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پرنٽنگ ڪارپوريشن کي گزيٽ نوٽيفڪيشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تفصيل مطابق صدر هن بل کي ٻيو ڀيرو صحيح کان سواءِ واپس اماڻي ڇڏيو هو. جڏهن ته هاڻي سپريم ڪورٽ پريڪٽس ۽ پروسيجر بل 2023 باقاعده قانون بڻجي ويو آهي. قانون ۽ قاعدن ۽ ضابطن جي روشني ۾ سموريون گهرجون پوريون ڪري گزٽ لاءِ اماڻي ڇڏيو. بل منظوري جا سمورا مرحلا مڪمل ٿيڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ باقاعدي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي ترجمان مطابق سپريم ڪورٽ پريڪٽس ۽ پروسيجر بل هاڻي قانون جي شڪل ۾ لاڳو ٿي چڪو آهي. ذريعن موجب آرٽيڪل 184 (3) جي دائري اختيار کي استعمال ڪندي سپريم ڪورٽ جي بينچ جي ڪنهن به فيصلي خلاف اپيل جي حق جي حوالي سان، بل ۾ چيو ويو آهي ته هڪ اپيل سپريم ڪورٽ جي وڏي بينچ اڳيان 30 ڏينهن اندر داخل ڪئي ويندي. بينچ اپيل کي 14 ڏينهن کان گهٽ ۾ گهٽ عرصي ۾ ٻڌڻ لاء مقرر ڪيو ويندو. بل ۾ قانون جي ٻين پهلوئن ۾ به تبديلين جي تجويز ڏني وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته پارٽي کي آئين جي آرٽيڪل 188 تحت نظرثاني جي درخواست داخل ڪرڻ لاءِ پنهنجي پسند جو وڪيل مقرر ڪرڻ جو حق هوندو. وڌيڪ چيو ويو ته جلد ٻڌڻ يا عبوري رليف لاءِ داخل ڪيل درخواست ڪنهن به سبب، اپيل يا معاملي تي 14 ڏينهن اندر شنوائي لاءِ مقرر ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button