اسلام آبادپاڪستان

عيد خوشين ۾ معاشي طور ڪمزور ڀائرن کي شريڪ ڪيو:آصف زرداري

اسلام آباد : اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سڄي دنيا ۾ آباد سمورن مسلمان ڀائرن کي عيدالفطر جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته خوشي جي هن موقعي تي والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي ڀائرن کي ضرور ياد رکيو وڃي جيڪي هن وقت ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار آهن. پنهنجي بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته سمورن خوسحال طبقن کي گهرجي ته اهي عيد جي خوشين ۾ انهن مستحق ۽ معاشي طور ڪمزور مسلمان ڀائرن کي به شريڪ ڪن جيڪي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. آصف زرداري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي غريب ۽ مستحق عورتن جي مالي امداد سان ان ڳالهه جي ضرورت آهي. وڌ کان وڌ روزگار جا موقعا پيدا ڪري غربت بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي ختم ڪئي وڃي. اڳوڻي صدر چيو ته پي پي پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پنهنجي منشور اٽي لٽي اجهي تي ثابت قدم آهي. اسان محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو پاڪستان ٺاهي پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button