پاڪستانسنڌ

چيلهار واسڻ گڏي جو حمل ضايع ٿيڻ سبب طبيعت نه سڌري

چيلهار: چيلهار ۾ 2 ڏينهن اڳ ڳوٺ هرپار مان پوليس وٽ پناهه لا پهتل ڇوڪري گڏي ڪولهي مٺي اسپتال ۾ داخل آهي، جتي سندس طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو آهي. اسپتال انتظاميا موجب ناري گڏي ڪولهي جو تيز ڊوڙڻ ۽ گرمي سبب 3 مهينن جو حمل ضايع ٿيڻ ڪري رت هلي رهيو آهي، ان ڪري طبيعت ۾ بهتري نه اچڻ سبب سندس علاج هلي پيو. جڏھن ته اڄ ناري کي عدالت ۾ پيش ڪرڻو هو. ياد رهي ته ناري 2 ڏينهن اڳ مڙس جي قيد مان فرار ٿي ڳوٺ جنجهير پهتي هئي، جتي ڳوٺاڻن جي اطلاع پوليس ڳوٺ پهچي ناري گڏي جا چيلهار ٿاڻي تي بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد کيس مٺي سيف هائوس منتقل ڪيو ويو. ياد رهي ته گڏي ڪولهڻ الزام هنيو آهي ته مون کي اغوا ڪري زوري مذهب مٽرائي پرڻو ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button