پاڪستانسنڌ

سيڪريٽري مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي:اعجاز کوسو/نجيب ابڙو

حيدرآباد: آل اڌ ڪيڊر 2012ع ٽيچرز جي اڳواڻن ۽ سيڪريٽري تعليم ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد احتجاج استادن احتجاج ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ گسٽا ضلعي حيدرآباد جي اڳواڻ نجيب ابڙو پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب علي اعجاز کوسو جي اڳواڻي ۾ استادن جي وفد ڪراچي ۾ سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر لغاري سان ڳالهيون ڪيون، جنهن دوران استاد اڳواڻن پنهنجا مطالبا ۽ خدشا سيڪريٽري اڳيان رکيا، جنهن تي سيڪريٽري کين خاطري ڪرائي ته اوهان جا مطالبا مڃيا ويندا ۽ سمورا خدشا ختم ڪرايا ويندا، جنهن بعد استاد اڳواڻن علي اعجاز کوسو ۽ ٻين هڪ وڊيو بيان جاري ڪندي ڪراچي ۾ رٿيل ڌرڻو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو. رابطو ڪرڻ تي علي اعجاز کوسو ۽ نجيب ابڙو ٻڌايو ته سيڪريٽري تعليم سان ڳالهيون سٺي ماحول ۾ ٿيون، جنهن اسان کي مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button