اسلام آبادپاڪستان

عمران کي اڱاري تي پيش ٿيڻ جو حڪم،وارنٽ زمان پارڪ ۾ موصول

اسلام آباد :اسلام آباد جي مارگلا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ جاري عمران خان جا گرفتاري وارنٽ زمان پارڪ لاهور ۾ موصول ٿي ويا. زمان پارڪ ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ سندس وڪيل وصول ڪيا. عمران خان جي خلاف گرفتاري وارنٽ اسلام آباد جي مارگلا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ جاري ٿيا آهن. جڊيشل مئجسٽريٽ ملڪ امان عمران خان جا ضمانت جوڳا وارنٽ جاري ڪيا آهن. عمران خان جا 20 هزار رپيا ضمانت جي عيوض وارنٽ جاري ڪيا. عمران خان جي ليگل ٽيم ضمانت جي ادائيگي لاءِ پوليس سان رابطي ۾ آهي. عدالت پاران عمران خان کي 25 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button