پاڪستانعالمي

نواز شريف جي سعودي ولي عهد سان ملاقات، پاڪستان جي مسئلن جي حل تي ڳالهيون

سعودي عرب جي خصوصي دعوت تي پهتل اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ ملاقات ٿي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق نواز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي ملاقات ۾ مريم نواز به موجود هئي، ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات هاڪاري رهي، جڏهن ته شاهي محل ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ پاڪستان جي مسئلن ۽ ان جي حل تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻئي طرف سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته (ن) ليگ جي اڳواڻ محمد نواز شريف جي سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات دوران پاڪ- سعودي ڀائراڻا لاڳاپا اڃا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ پاڪستان جي مسئلن جي حل تي ڳالهه ٻول ڪئي وئي. مريم اورنگزيب ٻڌايو ته نوازشريف سعودي قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن مطابق محمد بن سلمان ۽ نوازشريف جي ملاقات هاڪاري رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button