پاڪستانپنجاب

حڪومتي نمائندن تحريڪ انصاف سان باضابطا رابطو ڪري ورتو، ڳالهين جي آڇ

وفاقي حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ کان سياسي ڊائيلاگ شروع ڪرڻ بابت مهلت وٺڻ بعد حڪومت جي نامزد ڪيل نمائندن تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ باضابطا طور رابطو ڪري ورتو، جنهن کي پي ٽي آ اڳواڻ اسد عمر سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ حڪومت طرفان نامزد ڪيل نمائندن سردار اياز صادق، خواجا سعد رفيق ۽ ٻين اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته اسان توهان سان باضابطا ڳالهين لاءِ رابطو ڪري رهيا آهيون. اسد قيصر حڪومتي نمائندن جي رابطي بابت اڳڀرائي کان پارٽي سيڪريٽري اسد عمر کي آگاهه ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان اسد عمر چيو ته رابطو سٺي ڳالهه آهي، حڪومتي نمائندا سپريم ڪورٽ ۾ ايندڙ شنوائي دوران ان اڳڀرائي کان آگاهه ڪن. ذريعن موجب پي ٽي آءِ ۽ حڪومتي نمائندن جي ملاقات ڪڏهن ٿي، ان سلسلي ۾ اڃا تائين حتمي طور ڪجهه نٿو چئي سگهجي، حڪومتي اتحاد اڃا تائين تحريڪ انصاف جي قيادت سان ملاقات لاءِ ڏينهن ۽ وقت طئي نه ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button