اسلام آبادپاڪستان

هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ لاءِ درخواستن تي سڀاڻي شنوائي ٿيندي

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ عيدالفطر جي موڪلن کانپوءِ اڄ شروع ٿيندڙ عدالتي هفتي لاءِ 5 بينچون مختلف ڪيسن جون شنوائيون ڪنديون. چيف جسٽس 26 کان 28 اپريل تائين هڪ اسپيشل ۽ 5 ريگيولر بينچون جوڙيون آهن. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ اسپيشل بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر شامل آهن. بينچ نمبر هڪ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس اطهر من الله، بينچ نمبر 2 ۾ جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس شاهد وحيد، بينچ نمبر 3 ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس امين الدين خان، بينچ نمبر 4 ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عائشه ملڪ، بينچ نمبر 5 ۾ جسٽس منير اختر ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر شامل هوندا. سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ لاءِ درخواستن تي 27 اپريل تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني خصوصي بينچ شنوائي ڪندي. اقليتي برادري جي حقن جي تحفظ لاءِ ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي به شنوائي ٿيندي. ڀونگ مندر رحيم يار خان تي حملي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي شنوائي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ 27 اپريل تي ڪندي، ڀوجا ايئر لائين اسلام آباد جهاز حادثي بابت ڪيس جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ 27 اپريل تي ٻڌندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button