اسلام آبادپاڪستان

آدمشماري جو آخري مرحلو اڄ کان شروع،19 ضلعن ۾ ڳڻپ مڪمل نه ٿي، 5 ڏينهن وڌايا ويا

اسلام آباد : ڳڻپ کاتي چوٿون ڀيرو واڌ ڪندي آدمشماري جي آخري تاريخ 30 اپريل مقرر ڪري ڇڏي آهي. ڳڻپ کاتي موجب ڪجهه ضلعن ۾ گروٿ ريٽ ۽ ڊيٽا جي تصديق جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب آدمشماري جي آخري تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ڪجهه وڏن شهرن ۾ آبادي ۾ لاٿ ۽ گهٽ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ڪراچي سينٽرل، سائوٿ، ويسٽ، ايسٽ، ملير، ڪياماڙي ۽ ڪورنگي ضلعن ۾ آبادي ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. شماريات کاتي ٻڌايو ته لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، حيدرآباد، ڪوئيٽا ۾ به آبادي ۾ لاٿ يا گهٽ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. گوجرانوالا، سيالڪوٽ، جهلم، گجرات، اٽڪ ۽ پشاور ۾ ڊيٽا جي تصديق وارو عمل جاري آهي. شماريات کاتي طرفان، پشاور، ڊي آءِ خان، ايبٽ آباد ۽ ٽانڪ ۾ ڊيٽا جي تصديق سبب تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت 19 ضلعن ۾ آدمشماري جو ڪم اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. هوڏانهن ملڪي تاريخ جي پهرين ڊجيٽل آدمشماري جي فيلڊ آپريشن جي آخري مرحلي جي شروعات اڄ کان ٿيندي. عيدالفطر جي موڪلن سبب فيلڊ ورڪ 5 ڏينهن لاءِ روڪيو ويو هو، ڳڻپ کاتي جي ترجمان محمد سرور گوندل موجب ستين آدمشماري 2023ع جو فيلڊ آپريشن عيدالفطر جي سرڪاري موڪلن جي اعلان کانپوءِ 21 اپريل تي روڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ عيد موڪلون مڪمل ٿيڻ تي اڄ اربع 26 اپريل تي آدمشماري جو ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويندو. هن وقت تائين انگن اکرن موجب 23 ڪروڙ 53 لک 88 هزار 89 (23،53،88،089) ماڻهن کي ڳڻيو ويو آهي، جنهن ۾ پنجاب ۾ هن وقت تائين 11 ڪروڙ 60 لک 34 هزار 900، (11،60،34،900) ماڻهو، سنڌ ۾ 5 ڪروڙ 28 لک 57 هزار 803، (5،28،57،803) ماڻهو، خيبرپختونخوا ۾ 3 ڪروڙ 92 لک 320 ماڻهو ۽ بلوچستان ۾ هن وقت تائين هڪ ڪروڙ 92 لک 55 هزار 6 سئو 48، ماڻهن کي ڳڻيو ويو آهي، ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ 65 لک کان وڌيڪ ماڻهو ۽ لاهور ۾ هڪ ڪروڙ 15 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ڳڻيو ويو آهي. واضح رهي ته آدم شماري ۾ پهريان ڏهه اپريل، ٻيو ڀيرو 15 اپريل ٽيون دفعو 20 اپريل تائين واڌ ڪئي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button