پاڪستانعالمي

آرمي چيف جنرل عاصم منير جي چيني هم منصب سان ملاقات، گڏيل سلامتي تي ڳالهيون

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر سان تفصيلي ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ گڏيل سلامتي جي معاملن ۽ فوجي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آئي ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق آرمي چيف جو چين جي سرڪاري دوري تي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ چين جي پي ايل اي جي هيڊڪوارٽرز ۾ کيس گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو، آرمي چيف ڦڙت جٿي جو جائزو ورتو جنهن بعد پي ايل اي آرمي جي ڪمانڊر سان سندس تفصيلي ملاقات ٿي، جنهن دوران ٻنهي فوجي ڪمانڊرن خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ ۽ فوجي سهڪار وڌائڻ جي ضرورت کي ورجايو، آرمي چيف پيپلز لبريشن آرمي جي دستن جي آپريشنل صلاحيتن جو مظاهرو به ڏٺو ۽ تربيت جي اعليٰ معيار ۽ فوجين پاران ڏيکاريل پيشيوراڻي مهارت جي ساراهه ڪئي. آرمي چيف ٻنهي ملڪن جي فوج وچ ۾ پراڻن لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ چين ۾ فوجي اڳواڻن سان وڌيڪ ملاقاتون ڪندو، جڏهن ته هي شروعاتي ملاقاتون آرمي چيف جي چين جي چئن ڏينهن جي دوري جو حصو هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button