پاڪستانرانديون

پاڪستان ۽ نيوزيليند وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ اڄ ٿيندي

راولپندي: پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ اڄ خميس 27 اپريل تي راولپندي ۾ کيڏي ويندي. پاڪستاني وقت مطابق ميچ شام ساڍي 3 وڳي شروع ٿيندي. شيڊول مطابق ٽي-20 سيريز کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن جي سيريز اڄ 27 اپريل کان شروع ٿيندي. شيڊول مطابق سيريز جي ٻي ميچ 29 اپريل، ٽين ميچ 3 مئي، چوٿين ميچ 5 مئي، جڏهن ته پنجين ۽ آخري ميچ 7 مئي تي کيڏي ويندي، سيريز جون پهريون ٻه مئچون راولپندي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، جڏهن ته آخري 3 مئچون نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيون وينديون.

هوڏانهن نيوزيلينڊ خلاف پهرين ون ڊي ميچ کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اهم بيٽسمين حارث سهيل انجري جو شڪار ٿي ويو. حارث سهيل ڪالهه اربع ڏينهن پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس سيشن دوران زخمي ٿي پيو. فيلڊنگ جي مشق دوران حارث سهيل شاداب خان سان ٽڪرائجي ويو هو. حارث سهيل کي ڪلهي ۾ ڌڪ لڳو آهي، قومي بيٽسمين کي شروعاتي علاج لاءِ مقامي اسپتال نيو ويو. حارث سهيل جي پهرين ون ڊي ۾ شرڪت جو فيصلو اسڪين بعد ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حارث سهيل جي پهرين ون ڊي ۾ شرڪت شڪي آهي.

جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم ڪالهه راولپنڊي ۾ پهرين ميچ لاءِ تيار ڪيل پچ جو معائنو ڪيو، جڏهن ته بابر اعظم ۽ ڪيوي ڪپتان ٽام ليٿم پريڪٽس سيشن کان اڳ ٽرافي جي پڌرائي پڻ ڪئي. پري ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان جي اوپننگ بيٽسمين امام الحق چيو ته نيوزيلينڊ خلاف 5 ون ڊي ميچن جي سيريز ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي تمام اهم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button