
اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف ۽ ان جي چيني هم منصب ٻنهي ملڪن وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. خميس تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم ۽ چين جي وزيراعظم لي شيانگ وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ پاڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي اجاڳر ڪيو ويو. شهبازشريف چيني وزيراعطم کي ان عهدي لاءِ ان جي تازي چوند تي مبارڪ ڏني. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي چين جي اصولي موقف ۽ بنيادي مسئلن تي پاڪستان جي حمايت تي چين جو دل سان شڪريو ادا ڪيو. ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته چين جي وزيراعظم لي ڪيانگ سان هن گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سي پيڪ سميت پاڪستان ۽ چين جي ٻين منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. هڪ ٽوئيٽ تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان پرڏيهي امن ۽ استحڪام کي يقيني بنائڻ لاءِ چين جي اپائن کي ساراهي ٿو. وزيراعظم چيو ته هن چين جي بنيادي معاملن تي ان جي مڪمل حمايت کي ورجايو آهي.