اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم 180 ميمبرن جي حمايت سان اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي مان 180 ميمبرن جي حمايت سان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو. ايڪسپريس نيوز موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو. وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو. ڪالهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف تي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لا ٺهرا پيش ڪندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ افواهون آهن، اسان سڄي دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان جي پارليامينٽ آئين ۽ جمهوريت سان گڏ بيٺي آهي. جڏهن ته اسپيڪر ميمبرن کي هدايت ڪئي ته هو ٺهراءُ جي حمايت ۾ پنهنجي سيٽن تي بيهن، جنهن بعد ڳڻپ ڪئي وئي جنهن جو انگ 180 ٿي ويو. وزيراعظم ايوان مان اعتماد جو ووٽ 172 بدران 8 اضافي ووٽن سان حاصل ڪيو. جماعت اسلامي، جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جي اختلافي ميمبرن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. اسپيڪر اعتماد جي ووٽ جي نتيجن جو اعلان ڪندي هدايت ڪئي ته اعتماد جو ووٽ ڏيندڙ ميمبرن جا نالا قومي اسيمبلي جي ويب سائيٽ تي رکيا وڃن. جڏهن ته وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سميت اتحادي پارٽين جي سربراهن سان وڃي هٿ ملايو. قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ٻڌايو ته جيڪڏهن مفتي عبدالشڪور جيئرو هجي ها ته اعتماد جا ووٽ 181 هجن ها پر هن 180 ووٽ حاصل ڪيا آهن. ذريعن موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان حوالي سان پارٽي پوزيشن تيار ڪري ورتي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب حڪمران اتحاد جي قومي اسيمبلي جي ڪل ميمبرن جو انگ 181 آهي، ايوان ۾ مسلم ليگ ن جا 85 ۽ پيپلز پارٽي جا 58 ميمبر آهن. اهڙي طرح ايم ايم اي جا 13، ايم ڪيو ايم پاڪستان جا 7، بلوچستان عوامي پارٽي جا 4 ۽ بي اين پي جا 4 ميمبر آهن. ق ليگ جا ٽي ميمبر آهن، جن ۾ اي اين پي ۽ جمهوري وطن پارٽي جو هڪ هڪ ميمبر آهي. جڏهن ته 4 آزاد ايم اين ايز به حڪمران اتحاد ۾ شامل آهن. ذريعن موجب هن وقت وزيراعظم شهباز شريف کي 180 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف سان ڳالهيون ٿينديون، جنهن ۾ رڳو ون پوائنٽ ايجنڊا هوندي.قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر اعتماد ڪرڻ تي سڄي ايوان جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته پارليامينٽ جي آئيني حيثيت کي چئلينج ڪيو پيو وڃي، پارليامينٽ جو اختيار دنيا جي ڪا طاقت نٿي کسي سگهي. پارليامينٽ جي ٺهراءَ سان بيٺا آهيون، مان هن پارليامينٽ جو حصو آهيان ۽ توهان سان گڏ بيٺو آهيان، جيڪڏهن مون کي گهر موڪليو ٿا ته وڃڻ لاءِ تيار آهيان. وزيراعظم چيو ته اسان کي ڳالهين لاءِ چيو ويو، اسان وٽ ته سوموٽو به ناهي، اسان ته ڳالهيون ڪندا آهيون، تحريڪ انصاف کي صلاح مشوري کانپوءِ ڳالهين جي دعوت ڏني. اسان جي اتحاد ۾ اهڙيون جماعتون آهن، جيڪي جائز ۽ سخت موقف رکن ٿيون، انهن کي راضي ڪيوسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button