پاڪستانسنڌ

ڪراچي ايڪسپريس کي باهه، معصوم ٻارن ۽ عورت سميت 7 مسافر فوت

خيرپور/اڳڙا: پنجاب ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس جي بوگي کي باهھ وڪوڙي وئي، مسافرن ۾ ڪيھاٽ، پنڊي واسي ھڪ ئي خاندان جي 5 ڀاتين سميت 7 ڄڻا اجل جو شڪار. تفصيل موجب ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس جي بوگي نمبر 17 کي اوچتو باهھ وڪوڙي وئي، جنھن سبب ٽرين جي مسافرن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا. جڏهن ته بوگي ۾ سوار پنڊي جي رھواسڻ 70 ورھين جي رابعه خوف وچان ھلندڙ ٽرين مان ٽپو ڏنو، جنھن سبب سخت زخمي ٿي پئي ۽ دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. فوتي عورت جون 2 ڏوھٽيون 22 ورھين جي انيبا ڌيءَ محمد اڪرام، 9 ورھين جي مريم ڌيءَ محمد اڪرام سميت محمد اڪرام جي ڀيڻ جا 2 ٻار 10 ورھين جو عبدالرحمان پٽ محمد ڪامران ۽ 5 ورھين جي فاطمه ڌيءَ محمد ڪامران گم ھئا، جن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته باهھ ۾ سڙي ويا آهن. جڏھن ته سڙي فوت ٿي ويلن ۾ ھڪ مرد به شامل آهي، جنھن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ٽنڊو مستي جي علائقي فتح پور ڀرسان 436/5 ڪلوميٽر تي جھنگ ۾ ٽرين بيھڻ بعد عملي ۽ ماڻھن پنھنجي مدد پاڻ تحت باھه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي. اطلاع تي فائر برگيڊ جون گاڏيون به پھتيون. ريسڪيو وارن متاثر بوگي کي ڪٽي ملبي مان وڌيڪ سڙيل لاش ڪڍيا پر سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ٻارن سميت فوتي ٿي ويل 7 مسافرن جا لاش خيرپور سول اسپتال جي سرد خاني ۾ رکيا ويا. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڊي اين اي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا. اطلاع تي پاڪ فوج جي جوانن پھچي ريسڪيو عمل ۾ حصو ورتو. ٻِئي پاسي ڊي ايس ريلوي سکر سميت ڊي سي خيرپور ڪيترائي ڪلاڪ بعد پھتا. ھوڏانھن ريلوي انتظاميا اپ ريلوي ٽريڪ 6 ڪلاڪن بعد بحال ڪيو ۽ مختلف اسٽيشنن تي بيٺل ٽرينون منزل طرف روانيون ڪيون. هوڏانهن ڊي ايس ريلوي محسن سيال مطابق 70 ورهين جي عورت رابعه بي بي پنهنجي حياتي بچائڻ لاءِ متاثر گاڏي مان ٽپو ڏنو، جيڪا سخت زخمي ٿي فوت ٿي وئي آهي. ريلوي وزارت پاران جاري ڪيل بيان مطابق سڙيل گاڏي مان هڪ مرد ۽ چئن ٻارڙن جا لاش مليا آهن، فوتي چئن ٻارڙن ۽ عورت جو تعلق هڪ ئي خاندان سان ٻڌايو پيو وڃي. جڏهن ته مرد جي سڃاڻپ اڃا ناهي ٿي سگهي. جڏهن ته ريلوي وزارت گاڏي ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ فيڊرل گورنمينٽ انسپيڪٽر آف ريلويز جي سربراهي ۾ ٽيم واقعي واري هنڌ لاءِ رواني ٿي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button