اسلام آبادپاڪستان

برف پگهرجي وئي،حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ۾ ڳالهيون شروع

اسلام آباد : اتحادي حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور ختم ٿي ويو، جنهن ۾ ڪو به حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو. جڏهن ته ٻنهي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ ۽ اڄ ٻيهر گڏجي ويهڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ڪالهه پارليامينٽ هائوس جي ڪميٽي روم نمبر 3 ۾ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي وچ ۾ 2 ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ٿي، جنهن ۾ چونڊن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عمران خان طرفان جوڙيل پي ٽي آءِ جي ٽي رڪني ڪميٽي شاهه محمود قريشي جي سربراهي ۾ ڳالهين لاءِ پارليامينٽ هائوس پهتي. پي ٽي آءِ جي ڪميٽي ۾ فواد چوڌري ۽ سينيٽر علي ظفر به شامل هئا. حڪومتي ڪميٽي ۾ يوسف رضا گيلاني، نويد قمر، اسحاق ڊار، خواجا سعد رفيق، اعظم نذير تارڙ، اياز صادق ۽ ڪشور زهرا شامل هئا. حڪومتي ڪميٽي ۾ جي يو آ جو ڪو به نمائندو شامل ناهي. ان ڏس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٽي او آر تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اصولي فيصلو آهي ته آئين اندر رهي معاملي کي هينڊل ڪيون، رياست ۽ عوام جي مفاد کي ڏسڻو آهي، اڄ وري ويهنداسين. پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو ته سٺي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اميد ته اهو سلسلو جاري رهندو. حڪومت طرفان ڪا به ڊيمانڊ نه ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جا مطالبا پنهنجي قيادت سامهون رکنداسين ۽ مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪنداسين.ان حوالي سان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ته اسان حڪومت سامهون پنهنجو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو، ٻن ڪلاڪن جي ڳالهين ۾ پنهنجا نقطا پيش ڪياسين، آئين کان مٿانهون حل ممڪن ناهي، اڄ ٻيهر ملاقات ٿيندي. دير جو حربو استعمال ڪرڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته اسان جو جذبو آهي ته انهن ڳالهين ذريعي حل ڳوليو وڃي، اسان کي يقين آهي ته ڪو حل پيش ڪنداسين. جيڪو ٿيندو آئين موجب ٿيندو، آئين کان ٻاهر ڪجهه نه ڪنداسين، تحريڪ انصاف پاڪستان جي عوام جي ڀلائي کي اوليت ڏيڻ چاهي ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان سان ڳالهين جي حوالي سان اسان جي صلاح هئي، جڏهن ته حڪومتي ڪميٽي کي به پنهنجي اڳواڻن سان مشاورت ڪرڻي آهي. هن چيو ته اسان حڪومتي ڪميٽي کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن توهان ڪا سفارش کڻي اچو ته اها آئين موجب آهي ته ان تي ضرور بحث ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button