پاڪستانرانديون

ڪيوي ٽيم پهرين آزمائش ۾ ناڪام، فخر زمان جي سينچري پاڪستان کي سوڀ ڏياري ڇڏي

پاڪستان کي فخر زمان جي شاندار سينچري، امام، بابر ۽ رضوان جي ذميواري بئٽنگ نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز جي پهرين مئچ ۾ 5 وڪيٽن تان ڪاميابي ڏياري ڇڏي، ڪيوي بئٽر ڊيرل مچل جي سينچري ضايع ٿي وئي. راولپنڊي جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ٽاس کٽڻ بعد پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ته ڪيوي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 288 رنسون ٺاهيون. خراب فيلڊنگ ۽ ڪيچ ڊراپ ڪرڻ سبب نيوزيلينڊ جا رانديگر سٺو اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. 48 جي مجموعي اسڪور تي اوپنر چيڊ بوئيز 26 بالن تي 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، هن 3 چوڪا هنيا. هو حارث جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. ٻي وڪيٽ 150 تي ڪري جڏهن ٻيو اوپنر ول ينگ 86 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، هن 78 بالن تي 2 ڇڪن ۽ 8 چوڪا هنيا. ڊيرل مچل شاندار سينچري هڻي ون ڊي ڪيريئر ۾ ٻيو ڀيرو سئو جو انگ پار ڪيو، سندس 113 رنسن جي اننگز هڪ ڇڪي ۽ 11 چوڪن سان سينگاريل هئي. ڪپتان ٽام ليٿم 36 بالن تي 20 رنسون ٺاهي سگهيو. پاڪستان طرفان شاهين آفريدي 63 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون، حارث رئوف ۽ نسيم شاهه به 2- 2 شڪار ڪيا، نسيم اننگز جي آخري ٻن بالن تي ٻئي وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ پاڪستان 289 رنسن جي هدف جو ڀرپور اعتماد سان پيڇو ڪيو، فخر زمان ۽ امام الحق پنهنجي ٽيم کي 124 رنسن جي شاندار شروعات ڏني. فخر ڪيريئر جي نائين سينچري مڪمل ڪئي، جڏهن ته امام الحق 60 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد ڪپتان بابر اعظم به 49 رنسن جي اننگز کيڏي، شان مسعود 12 بالون ضايع ڪري صرف هڪ رنس ٺاهي سگهيو ۽ آغا سلمان 7 رنسن تائين محدود رهيو. وڪيٽ ڪيپر بئٽر محمد رضوان 42 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي جڏهن ته محمد نواز 8 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. مئچ دوران قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم عالمي ڪرڪيٽ ۾ 12 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون، بابر اعظم ٽنهي قسمن جي ڪرڪيٽ ۾ مجموعي طور 277 اننگز ۾ 12 هزار رنسون ٺاهڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button