پاڪستانعالمي

روس كان سستي تيل جي خريداري ۾ رڪاوٽ ختم، آمريڪا پاڪستان کي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو

پاڪستان پاران روس کان سستو تيل وٺڻ لاءِ پهريون آرڊر ڏيڻ بعد آمريڪا جو ردعمل سامهون اچي ويو، بائيڊن انتظاميا اشارو ڏنو ته اها هن معاهدي جي مخالفت نه ڪندي. واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته هر ملڪ پنهنجا خودمختيار فيصلا ڪرڻ وڃي رهيو آهي ڇو ته اهو ان جي توانائي جي فراهمي بابت آهي. پرڏيهي کاتي جي پرنسپل نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو ته آمريڪا گذريل سال يوڪرين تي ماسڪو جي حملي بعد روسي تيل تي پابنديون لڳائيندي اهڙي قسم جي خريداري جو رستو کليل ڇڏي ڏنو هو. هن وضاحت ڏني ته جي-7 ذريعي آمريڪا قيمت جي حد (پرائيس ڪيپ) جو وڏو حامي رهيو آهي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آهي ته روسي توانائي کي مارڪيٽ کان پري رکڻ لاءِ قدم نه پيا کنيا وڃن ڇو ته اسان سمجهون ٿا ته سپلاءِ جي گهرج آهي. واضح رهي ته آمريڪا طرفان گذريل بريفنگ ۾ به اشارو ڏنو ويو هو ته پاڪستان روس کان رعايتي اگهه تي تيل خريد ڪري سگهي ٿو. ان سان گڏوگڏ ويدانت پٽيل خبردار ڪيو ته اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا ته روسي توانائي جون منڊيون پيوٽن جي جنگي مشن لاءِ پئسن جو سبب نه بڻجن، ملڪ هڪ دفعو ٻيهر پنهنجا خودمختيار فيصلا ڪندا اسان ڪڏهن به روسي توانائي کي مارڪيٽ کان پري رکڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button