اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف وارن سان ڳالهيون ڪجن يا نه، اهو سوال بلاول کان پڇو:آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڏنل مانجهاندي جي دعوت دوران تحريڪ انصاف سان ڳالهين بابت سوالن جا دلچسپ جواب ڏنا. آصف علي زرداري کان صحافين جڏهن تحريڪ انصاف سان ڳالهين بابت سوال پڇيو ته هن ورندي ڏيندي چيو ته حڪومت گڏ هلي رهي آهي، توهان اهو سوال بلاول کان پڇي وٺو. ڇا وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ گهرجي؟ ان جي جواب ۾ اڳوڻي صدر چيو ته اسان کي خبرن جي ڪهڙي خبر، اسان ته فقير ماڻهو آهيون، اسان کي جنهن پاسي هلائيندا آهن هلي پوندا آهيون. ان موقعي تي ڳالهيون جو سلسلو اڳتي وڌڻ جي امڪانن بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن موقعو ملندو ته پريس سان ڳالهائيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button