عالمي

320 سالن کان لڳاتار شايع ٿيندڙ قديمي اخبار بند ڪرڻ جو اعلان

يورپي ملڪ آسٽريا ۾ 18 هين صدي کان نڪرندڙ ۽ دنيا جي سڀ کان قديمي اخبار 320 سالن بعد پنهنجي ڇپائي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. دنيا جي سڀ کان قديم اخبارن شامل “ووينر ٽسايٽنگ” جي شروعات 1703ع ۾ ٿي هئي، اخبار جي انتظاميا طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته اها ڪاغذي شڪل ۾ ڇپائي بند ڪندي ۽ آن لائن منتقل ٿي ويندي. پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي جي خبر موجب دنيا جي سڀ کان پراڻي ڇپجندڙ اخبار ووينر ٽسايٽنگ جو اهو فيصلو آسٽريا جي پارليامينٽ جي فيصلي بعد سامهون آيو آهي. اها اڳڀرائي آسٽريا جي حڪومت ۽ رياست جي ملڪيت واري روز ڇپجندڙ اخبار وچ ۾ ان جي مستقبل بابت ورهين کان هلندڙ تڪرار جي پڄاڻي آخري مرحلي تي پهچڻ جي نشاندهي ڪري ٿي. هيءَ اخبار 1703ع ۾ وينريشز ڊاياريئم جي نالي سان شايع ٿيڻ شروع ٿي هئي ۽ 1780ع ۾ ان جو نالو بدلائي ووينر ٽسايٽنگ رکيو ويو هو. ٻن هفتن ۾ هڪ ڀيرو شايع ٿيندڙ اڳوڻي خانگي اخبار کي 1857ع ۾ آسٽريا جي بادشاهه فرانز جوزف پهرئين قومي اخبار قرار ڏنو، جيڪا ملڪ جي سرڪاري گزيٽ بڻجي وئي هئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب پارليامينٽ جي ٽئين صدر نوربرٽ هوفر چيو آهي ته پهرين جولاءِ کان اخبار جي ڇپائي ختم ڪري آن لائن منتقل ڪرڻ جو نئون قانون اڪثريت سان منظور ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button