پاڪستان

پي ٽي آئي جا مطالبا 20 سالن کان پيا ٻڌون، جن جو نه مٿو هوندو آهي نه پير: نواز شريف

وزيراعظم جي خاص مددگار عون چوڌري لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري هن تائين جهانگير ترين جو پيغام پهچايو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ملاقات دوران مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف چيو ته تحريڪ انصاف جا مطالبا ته گذريل 20 سالن کان ڏسي رهيا آهيون ۽ سندن مطالبن جو نه ڪو مٿو نه ئي ڪو پير هوندو آهي. وزيراعظم جي خاص مددگار عون چوڌري سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته الله جو شڪر ادا ڪريان ٿو ته هن پنهنجي گهر ۽ نبي سڳوري صه جي روضي تي گهرايو، مون پاڪستان جي سلامتي ۽ هر محب وطن پاڪستاني لاءِ دعائون گهريون آهن، شل الله تعاليٰ پاڪستان تي رحم فرمائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button