اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطما ڀٽو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي، ان حوالي سان فاطما جي ڀا جونيئر ذوالفقار تصديق ڪري ڇڏي آهي. جونيئر ذوالفقار ڀٽو ٽوئيٽر تي فاطما جي شادي واري تصوير شيئر ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته مان خوشي سان خبر شيئر ڪري رهيو آهيان ته منهنجي ڀيڻ فاطما ۽ گراهم عرف جبران جو نڪاح گذريل ڏينهن 70 ڪلفٽن ڪراچي واري رهائشگاهه تي ٿيو آهي، نڪاح جي تقريب اسان جي ڏاڏا سائين جي لائبريري ۾ منعقد ڪئي وئي، اها جا فاطما لا وڏي اهميت رکي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اهو مناسب نه لڳو ته نڪاح جي تقريب ڌام ڌوم سان منعقد ڪريون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close