پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ هاري جو ڪٽنب سميت زميندار خلاف مظاهرو

جهڏو: جهڏو ۾ بااثر زميندار خلاف هارين احتجاج ڪيو. جهڏو لڳ ديهه 206 جي رهواسي هاري محمد عرس جکرو ۽ سندس پٽ ممتاز علي پنهنجي گهرواري ۽ ٻارڙن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن دانهيندي چيو ته زميندار الياس راجپوت ۽ سندس پٽ اويس راجپوت وٽ هڪ سال کان هاري آهيون، زميندار جي زمين تي ڏينهن رات محنت ڪري مختلف فصل مرچ، ڦٽي، ٽماٽو ۽ توريو پوکيو، فصل لهڻ بعد زميندار اسان کي فصل مان ڪو به حصو نه ڏنو ۽ ڪوڙا آسرا ڏيندو رهيو، تازو ڪڻڪ جو فصل لٿو هو، جيڪا اسان پنهنجي گهر ۾ رکي هئي ته زميندار گذريل رات پنهنجا هٿياربند موڪلي اها ڪڻڪ زبردستي کڻائي ويو ۽ ڪڇڻ تي اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ۽ ٽنڊو جان محمد ٿاڻي تي اسان خلاف ڪوڙيون درخواستون ڏئي گهر تي پوليس موڪلي حراسان ڪيو. بااثر زميندار ۽ سندس پٽ حق گهرڻ تي مارڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثر زميندار خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button