پاڪستانسنڌ

عمران خان ڪهڙي منهن سان اسلام جي ڳالهه ڪري ٿو:ناصر محمود

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ علمي درسگاهھ شهيد اسلام جامعه اسلاميه اشاعت القرآن والحديث طرفان جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومرو ۽ ضلعي لاڙڪاڻي جي امير مولانا ناصر خالد محمود سومرو جي صدارت هيٺ فضيلا جامعه اسلاميه جو تربيتي ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پروفيسر عبدالرشيد شيخ، عبدالرزاق عابد لاکو، مولانا طاهر خالد محمود سومرو، پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي فاروقي، مولانا حميد الله سيال ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد خالد محمود سومرو، مولانا ناصر خالد محمود سومرو ۽ ٻين ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته عالم ۽ ديني مدرسه پاڪستان جا قيمتي اثاثا آهن، عمران نيازي ڪهڙي منهن سان اسلام جي ڳالهھ ڪري رهيو آهي، هو اسرائيل يهودي ملڪ جو ايجنٽ آهي، هن جا ٻار پڻ يهودين جي گهرن ۾ رهن پيا، دين، مذهب اسلام کان علاوه باقي مذهب “فقط عقائد ۽ عبادتن جي تعليم آهي، جڏهن ته دين اسلام ۾ نه صرف پر نظام حڪومت و عدالت، جهاد، بين اقوامي معاملا وغيره جي مڪمل رهنمائي موجود آهي، انصاف اهو نه آهي جو ڪنهن به قانون جي مطابق فيصلا ٿين، پر انصاف اهو آهي ته صحيح قانون يعني قرآن و حديث جي مطابق فيصلا ٿين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button