پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻو لڳ پلاٽ جي تڪرار تان عورت گوليون هڻي قتل

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي لڳ ڪنگا ٿاڻي جي حد نور ڪالوني ۾ عمراڻين جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي معاملي تان هلندڙ تڪرار جي نتيجي ۾ هٿياربند گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي 6 ٻارن جي ما هزاري زال دنگاڻو خان عمراڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. جڏهن ته مقتول عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتول عورت جي پٽ خان محمد عمراڻي ٻڌايو ته اسان اصل لاشاري ڀرسان ڳوٺ غوث بخش عمراڻي جا رهواسي آهيون، جتي 7 ويسا پلاٽ جي معاملي تان اسان جو بااثرن سان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن ڪري گذريل برساتن ۾ اسان ڳوٺ ڇڏي لاڙڪاڻي شهر جي نور ڪالوني ۾ ڪرائي جي جڳهه ۾ ويٺاسين، جتي اڄ بااثر هٿياربندن ذوالفقار، ديدار، لياقت ۽ رفيق عمراڻي سميت ٻين گهر ۾ گهڙي منهنجي ما کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button