
سنجهورو: سنجهوري ويجهو ڳوٺ جعفر خان لغاري مان نامعلوم ماڻھن هٿان کنڀجي ويل هاري اڳواڻ منظور لغاري جي بازيابي لا سندس وارثن ۽ مقامي ڳوٺاڻن پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ عالم خان لغاري، خير محمد لغاري ۽ علي نواز لغاري جي اڳواڻي ۾ مقامي ڳوٺاڻن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن بعد احتجاجي ڌرڻي کي بک هڙتالي ڪئمپ ۾ تبديل ڪيو ويو، جيڪا شام جو 4 وڳي تائين جاري رهي. احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ عالم خان لغاري، خير محمد لغاري ۽ علي نواز لغاري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته هاري اڳواڻ منظور لغاري کي کنڀي گم ڪرڻ واري واقعي کي 3 ڏينهن گذري چڪا آھن، پر اڃا تائين سندس ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آھي، اسان منظور لغاري جي بازيابي لا ايس ايس پي سانگهڙ سان ملاقات ڪرڻ سميت ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آھي، هاري حقن لا جدوجهد ڪندڙ هاري اڳواڻ منظور لغاري جي والد سنڌ هائي ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي ته زميندارن جي زيادتين ۽ ناانصافين خلاف شڪايتن ۽ درخواستن تي فيصلا اي سيز بدران مئجسٽريٽي اختيار رکندڙ سول ججز وٽ ٿيڻ گهرجن، ڪيس هلندي غلام علي لغاري فوت ٿي ويو، ڪيس جي پوئيواري هاري اڳواڻ منظور لغاري ڪئي ۽ ڪيس ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور منظور لغاري جي درخواست تي 64 صفحن تي ٻڌل فيصلو ڏنو، فيصلي خلاف سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ اپيل ۾ ويل آھي، سپريم ڪورٽ ۾ هارين جي نمائندگي ۽ ڪيس جي پوئيواري منظور لغاري ڪري رهيو آھي، خدشو آھي ته هن اهم ڪيس جي پوئيواري جي ڏوھه ۾ کيس سول ڪپڙن ۾ آيل همراه کيس کنڀي کڻي ويا آھن ته جيئن ڪيس تان هٿ کڻائي سگهن. هنن مطالبو ڪيو ته هاري اڳواڻ منظور لغاري کي فوري طور بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.