پاڪستانسنڌ

بڪيرا شريف ۾ لنڪ موري زبون هجڻ خلاف مظاهرو

بڪيرا شريف: بڪيرا شريف لڳ ڪيترن ئي ڳوٺن کي ملائيندڙ لنڪ موري زبون ٿي وئي. ڳوٺ الله بخش جروار، صاحب خان جروار، علي بخش جروار، مٺو خاصخيلي، اڀريو درس، عرس درس، لونگ دل، فقير محمد برفت ۽ ٻين ڳوٺن کي ملائيندڙ لنڪ موري زبون هئڻ ۽ ڪنهن به وقت اوچتو حادثو پيش اچڻ ڪري ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاجي مظاهرو ڪندي راجا خان جروار، شبير احمد جروار، جمال جروار، زاهد حسين جروار، غلام قادر جروار، مير حسن جروار،محمد علي جروار، نويد جروار، غلام نبي جروار ۽ ٻين چيو ته ٻن مهينن کان اسان جي ڳوٺن کي ملائيندڙ لنڪ موري زبون بڻجي وئي آهي ۽ موري کي هنڌان هنڌان ڏار پئجي ويا آهن، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ڇانئيل آهي ته ڪنهن وقت به اوچتو ٿي سگهي ٿو ۽ اسڪولي ٻارن توڙي رهواسين کي اچڻ وڃڻ لاءِ رستو ناهي رهيو، موري جي خراب حالت سبب ٻار اسڪول نٿا پهچي سگهن، نه وري ايمرجنسي ۾ مريضن کي اسپتال پهچائي سگهجي ٿو. هنن ايم پي اي امداد خان پتافي، صوبائي وزير ضيا عباس شاھح رضوي ۽ ڊي سي ٽنڊوالهيار کان مطالبو ڪيو ته لنڪ موري جلد ٺهرائي ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button