پاڪستانسنڌ

2 لک سال اڳ ميون ۽ پکين جي شڪار تي گذر ٿيندو هو:سڪندر مغل

لاڙڪاڻو: سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو ۾ سائنس، ادب ۽ آرٽس سوسائٽي طرفان “انسان جي سماجي ارتقا” سائنس ۽ مذھب” جي موضوع تي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جي صدارت هيٺ ليڪچر پروگرام ٿيو، جنهن ۾ مهمان خاص ناليواري اسڪالر 13 سائنسي ڪتابن جي ليکڪ ڊاڪٽر سڪندر مغل، ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو، پروفيسر ڄام جمالي، حسين علي ڪنڀار، حنا شاهه ۽ وزير علي تنيو سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سڪندر مغل چيو ته 2 لک سال پراڻو شڪاري ۽ ميڙيندڙ اسٽيج اھو دور ھو، جڏھن باغن جي ميون ۽ پکين جي شڪار تي گذر صفر ٿيندو ھو. ھن دور ۾ عورت ۽ مرد برابري واري حيثيت سان رھندا ھئا ۽ سماج ۾ ڪي به گھٽ وڌ طبقا نه ھئا. سوچڻ، سمجھڻ ۽ ڳالھائڻ جي اڃان شروعات نه ٿي ھئي. ٻيو دور 70 هزار سال پراڻو لھجن ۽ سوچن جو مرحلو هو، جنهن ۾ انساني ڳالهھ ٻولهھ جي ترقي شامل هئي ۽ ابتدائي خيالن، وهم و گمان، خرافات، جادو، مذهب ۽ انساني سوچ جي ٻين نظامن کي جنم ڏئي ٿي. ڊاڪٽر اظهر علي شاهه چيو ته انساني سماج ۾ مذھب کي شروع کان تمام وڏي اھميت مليل آھي ۽ مذھب ارتقائي مرحلا طئي ڪندي پاڪ ڪتاب جي آخري مرحلي تي پھچڻ بعد اڳتي سائنسي فڪر پيدا ڪرڻ لاءِ راھه ھموار ڪئي. تقريب ۾ دعا شبير، ڪاشف تنيو، بلال بروهي، جميلا چانڊيو، ڪاشف ڀٽو ۽ ٻين شاعري ۽ ٻيو مواد پيش ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button