اسلام آبادپاڪستان

دشمن عوام ۽ هٿياربند فوج وچ ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: آرمي چيف

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته دشمن عوام ۽ هٿياربند فوج ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي، عوام ۽ پاڪ فوج جي ٻطرفي رشتي کي قائم ۽ دائم رکيو ويندو، ملڪ جو عوام رياست جو محور آهي، اسان جي پهرين ۽ اهم ذميواري رياست سان وفاداري ۽ هٿياربند فوجن جي آئين سان وابستگي آهي، ڪو به فرض وطن جي تحفظ کان وڌيڪ اهم ناهي. هو پاڪستان ملٽري اڪيڊمي (پي ايم اي) ڪاڪول ۾ 147 هين لانگ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. آرمي چيف چيو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي ملڪ ۾ ڪا به جاءِ ناهي، اسان پاڙيسرين سميت سمورن ملڪن سان امن ۽ دوستاڻا لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کانسواءِ علائقائي امن مبهم رهندو، پاڪ فوج وطن جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي، پاڪستان جون هٿياربند فوجون ڪنهن جي به عددي اڪثريت جي رعب ۾ اچڻ واريون نه آهن، اسان کي پنهنجن ظاهر ۽ لڪل دشمنن کي سڃاڻڻو پوندو، ڪشميرين جي حق خود اراديت واري جاکوڙ جي حمايت جاري رکي ويندي. رياست جو محور پاڪستان جو عوام آهي، عوام جي حفاظت ۽ سلامتي کان وڌيڪ مقدس ڪجهه به ناهي. هن چيو ته پهرين ۽ اهم ذميوداري رياست سان وفاداري ۽ فوج جي مقرر ٿيل ڪردار سان وابستگي آهي، آرمي چيف چيو ته غيرتمند ۽ سربڪف سپاهي دشمن جي تعداد ۽ وسيلن کان مرعوب نه هوندا، دشمن رياستي ۽ سماجي هم آهنگي کي متاثر ڪرڻ چاهي ٿو، دشمن عوام ۽ هٿياربند فوج وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، عوام ۽ پاڪ فوج جي گڏيل رشتي کي برقرار رکيو ويندو. هن چيو ته پاڪ فوج اسان جي عظيم قائد جي نظرئي تي عمل ڪري رهي آهي، قائد جي نظرئي ۾ ذات، رنگ، نسل، علائقائي فرق ناهي، مادر وطن جي دفاع لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، وڏين قربانين جي نتيجي ۾ قائم ٿيل امن کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته افغانستان ۾ استحڪام اسان جي سلامتي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو، گذريل 5 ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيا آهيون، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي، ڪشمير ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قربانيون ڏئي رهيو آهي، اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. پاڪستان ڪشميري عوام جي بنيادي انساني حقن جي لاءِ انهن جي تاريخي جدوجهد ۽ خوداراديت واري حق لاءِ انهن سان هميشھ گڏ هوندو. عالمي برادري کي ڄاڻڻ گهرجي ته ڪشمير مسئلي جو منصفاڻي ۽ پرامن حل کان سواءِ علائقائي امن هميشھ مبهم رهندو. آرمي چيف پاس آئوٽ ٿيل ڪيڊٽس کي مبارڪون ڏنيون ۽ انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button