پاڪستانپنجاب

پرويز الاهي ۽ ٻين تي دهشتگردي ڪيس داخل، گرفتار 17 ڄڻا جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آ صدر پرويز الاهي سميت 50 ڄڻن خلاف پوليس دهشتگردي ۽ قتل ارادي سميت مختلف قلمن تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. گهر تي ڇاپي دوران مزاحمت ڪرڻ تي پرويز الاهي ۽ ٻين خلاف دهشتگردي جي مختلف قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻئي طرف پرويز الاهي جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ آپريشن خلاف سندس پٽ راسخ الاهي لاهور ها ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پنجاب حڪومت، اينٽي ڪرپشن ۽ آ جي پنجاب کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عدالت اينٽي ڪرپشن جي ڪيس ۾ پرويز الاهي جي 6 مئي تائين ضمانت منظور ڪئي هئي، تنهن ڪري اڳوڻي وڏي وزير جي گهر تي پوليس ڇاپو غير قانوني ۽ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، هن ڪيس کانسوا ڪا ٻي ايف آ آر داخل آهي ته اها عدالت جي اڳيان پيش ڪئي وڃي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت لاهور جي ظهور الاهي روڊ کي ڪليئر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ پوليس کي هٽڻ جون هدايتون جاري ڪيون وڃن، جڏهن ته حفاظتي ضمانت جو مدو پورو ٿيڻ تائين پرويز الاهي کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. هوڏانهن لاهور جي دهشتگردي روڪ عدالت پرويز الاهي جي گهر مان گرفتار 19 ڄڻن جي جسماني ريمانڊ لا پوليس جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته ٻن اڌڙوٽ عمر جي ماڻهن مبارڪ شاهه ۽ نواز جي حد تائين ڪيس خارج ڪيو ويو. عدالت ٻين 17 جوابدارن کي ٻن هفتن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button